اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته پورٽ قاسم اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جي چيني عملي کي وٺي ويندڙ قافلي تي ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو حملو ڪيو ويو، حملي ۾ 2 چيني مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته هڪ مقامي شهري به مارجي ويو ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ چيني سفارتخاني چيو ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخانو ۽ قونصليٽ جنرل هن دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪن ٿا.
چيني سفارتخاني چيو ته پاڪستان ۽ چين جي بيگناهه مارجي ويلن ۽ زخمين جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪن ٿا، پاڪستاني اختيارين سان حملي بعد جي صورتحال جو گڏجي جائزو وٺي رهيا آهن.
چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني ۽ قونصليٽ جنرل فوري طور هڪ هنگامي منصوبو شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ حملي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي.
چيني سفارتخاني چيو ته جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ، پاڪستان ۾ چيني شهرين، ادارن ۽ منصوبن جي حفاظت لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي درخواست آهي.
چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته چيني سفارتخاني ۽ قونصل خاني، پاڪستان ۾ چيني شهرين، ڪاروباري ادارن ۽ پراجيڪٽس کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي سڪيورٽي جي صورتحال تي ڌيان ڏيڻ، حفاظتي قدمن کي مضبوط بڻائڻ ۽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي.
Next Post
You might also like