چيني شهرين تي حملو، بلاول وڏي وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.
پ پ چيئرمين، وڏي وزير کي امن امان جي قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ فول پروف قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداري پاران ڌماڪي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙن خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ڌماڪي ۾ زخمين ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
بلاول ڀٽو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ جو وچن ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.