پاڪستاني بيٽر عثمان خان جي تيز ترين ڊبل سينچري

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي جارح مزاج بيٽر عثمان خان تيز ترين لسٽ اي ڊبل سينچري جو نئون رڪارڊ جوڙي ورتو.
فيصل آباد جي اقبال اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پريزينڊنٽ ڪپ جي ميچ ۾ ايشال ايسوسيئيشن جي عثمان خان ايس اين جي پي ايل خلاف شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 131 بالن تي پنهنجي ڊبل سينچري مڪمل ڪئي.
عثمان پنهنجي اننگز ۾ 132 بالن تي 201 رنسون ٺاهيون ۽ رٽائرڊ آئوٽ ٿيو، اِها پاڪستان جي لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين ڊبل سينچري هئي.
ان کان اڳ اِهو رڪارڊ شرجيل خان وٽ هو جنهن 2022ع ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندي خيبرپختونخوا خلاف 133 بالن تي پنهنجي ڊبل سينچري مڪمل ڪئي هئي.
هي عثمان خان جي ڪيريئر جي ڏهين لسٽ اي ميچ هئي، هو هنيئر تائين ڏهن ميچن ۾ هڪ ڊبل سينچري، هڪ سينچري ۽ چئن ففٽين جي مدد سان 81 ڏهائي 5 جي ايوريج سان ڇهه سئو ٻاونجاهه رنسون ٺاهي چڪو آهي.
عثمان خان لسٽ اي ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ ستون پاڪستاني ڪرڪيٽر آهي، ان کان اڳ فخر زمان، عابد علي، محمد علي، شرجيل خان، ڪامران اڪمل ۽ خالد لطيف پڻ اِهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.