ڪراچي (رپورٽر) راوا ڊاڪيومينٽري فلم جي بينر هيٺ ٺهندڙ دستاويزي فلم ”هنگلاج ڪي ديوي“ کي ڪراچي جي هڪ مقامي سينما گهر ۾ خصوصي اسڪريننگ لاءِ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪراچي جي معززن، هندو برادري جي ڪجهه ماڻهن، حڪومتي ۽ سول ادارن سان گڏ ميڊيا جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي تاريخي ماڳ، جنهن کي ناني جو مندر، جڏهن ته هندو برادري ماتا هنگلاج جي نالي سان ياد رکندي آهي (اهو قديمي مندر سڄي دنيا جي هندو برادري لاءِ انتهائي مقدس هنڌ آهي) جو قديمي داستان راوا ڊاڪيومينٽري فلمز جو مرڪزي موضوع بڻيو آهي.
راوا ڊاڪيومينٽري فلمز پاڪستان جو واحد معتبر پروڊڪشن هائوس آهي، جيڪو پاڪستان جي ثقافت، تاريخ، راندين، ماحوليات، صحت ۽ موجوده واقعن تي ٻڌل دستاويزي فلمون ٺاهيندو آهي.
اها ڊاڪيومينٽري ان لاءِ به منفرد آهي ته ان جي تياري ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان منظر تخليق ڪيا ويا آهن، راوا ڊاڪيومينٽري فلمز پرعزم آهي ته پاڪستان جو هاڪاري ۽ بهتر چهردو دنيا کي ڏيکاريو وڃي ۽ پروڊڪشن هائوس اڳتي به نون موضوعن ۽ منفرد واقعن تي معياري دستاويزي فلمون پيش ڪندو رهندو.
You might also like