آمريڪا ۾ سامونڊي طوفان جون تباهيون، 223 ڄڻا فوت، سوين گم

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي 6 رياستن ۾ طوفان ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 223 تائين پهچي ويو، جڏهن ته سوين ماڻهو گم آهن.
سامونڊي طوفان سبب آمريڪي رياست اتر ڪيرولينا ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي، رڳو ان ئي رياست ۾ فوتگيون 106 ٿي ويون آهن، بنڪوم ۾ 72، فلوريڊا ۾ به ڪيترائي ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن.
آمريڪي ميڊيا موجب 7 لک ماڻهو اڃا تائين بجلي کان محروم آهن، طوفان سان متاثر ڏکڻ ڪيرولينا ۾ اڍائي لک، اتر ڪيرولينا ۾ سوا 2 لک، جارجيا ۾ 2 لک گهر بجلي کان محروم ٿي ويا.
ٻوڏ جو شڪار رياستن ۾ ماڻهو صاف پاڻي سميت ٻين بنيادي شين کان محروم آهن، جڏهن ته سوين ماڻهو گم ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.