ملتان (ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بين اسٽوڪس پاڪستان خلاف ملتان ٽيسٽ مان ٻاهر ٿي ويو.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ست آڪٽور تي ملتان ۾ شروع ٿيندي.
انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس همسٽرنگ انجري مان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهيو جنهن سبب هو پاڪستان خلاف ملتان ٽيسٽ نه کيڏي سگهندو.
ملتان ٽيسٽ ۾ بين اسٽوڪس جي غيرموجودگي ۾ اولي پوپ انگلش ٽيم جي قيادت ڪندو.
ٽريننگ شيشن کانپوءِ بين اسٽوڪس مڪمل فٽ نه هجڻ جي تصديق ڪئي، ٻئي پاسي انگلينڊ ملتان ٽيسٽ لاءِ پليئنگ اليون جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي.
فاسٽ بالر برائيڊن ڪارس ملتان ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪندو جڏهن ته ڪرس ووڪس، گس ايٽڪنسن، جيڪ ليچ ۽ شعيب بشير به انگلش ٽيم شامل آهن، جيڪ ليچ جي جنوري ۾ ڀارت جي دوري کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
ان کانسواءِ زيڪ ڪرالي، بين ڊڪٽ، جو روٽ، هيري بروڪ ۽ جيمي سمٿ به انگلينڊ جي پليئنگ اليون جو حصو آهن.
You might also like