پنجاب ۾ به امن امان برقرار رکڻ لاءِ فوج طلب

لاهور(ويب ڊيسڪ ) شنگهائي سهڪار تنظيم ڪانفرنس کي نظر ۾ رکندي پنجاب حڪومت به امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ پاڪ فوج کي طلب ڪري ورتو آهي.
پنجاب جي گهرو کاتي طرفان فوج جون خدمتن بابت قاعدن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 245 تحت هٿياربند فوج کي طلب ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، فوج، سول آرمڊ فورسز ۽ پوليس گڏجي شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس دوران امن امان برقرار رکندي هوائي اڏن، روڊن، اهم جاين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته فوج کي واضح ۽ غير مبهم رولز آف انگيجمينٽ ڏنا ويا آهن، پاڪ فوج، سول آرمڊ فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به خطري جو اطلاع حاصل ڪري سگهندا.
ان کانسواءِ پاڪ فوج شرپسندن، وڳوڙين ۽ فسادين طرفان حملي يا ڌمڪي جي موقعي تي ڪارروائي ڪري سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.