شارجا (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ بنگلاديش اسڪاٽ لينڊ کي 16 رنسن تان هارائي ڇڏيو.
شارجا ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 119 رنسون ٺاهيون .
سبحانا مُستري 36، شاٿي راني 29 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيون، اسڪاٽ لينڊ جي سسڪيا هارلي ٽي وڪيٽون ورتيون.
هدف پٺيان ڊوڙندي اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم 20 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 103 رنسون ٺاهي سگهي، اسڪاٽ لينڊ جي ساره بريس 49 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
بنگلاديش طرفان رتو موني ٻه وڪيٽون ورتيون جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
You might also like