اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه جي غير موجودگي ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي قدمن کي چئلينج ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل فردوس شميم نقوي وڪيل علي ظفر ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس امين الدين تي ٻڌل ڪميٽي جي 23 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر جي فيصلن کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي.
پي ٽي آءِ جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 23 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر جي فيصلن کي ڏسندي عدالتي ڪارروائي، حڪم نامي ۽ قدمن کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي.
تحريڪ انصاف جي درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي ڌر بڻايو ويو آهي.
پي ٽي آءِ جسٽس منصور جي عدم موجودگي ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جا قدم چئلينج ڪري ڇڏيا
You might also like