پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني لاءِ ٽن رانديگرن جا نالا سامهون اچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني بيٽر بابر اعظم طرفان قومي وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتاني ڇڏڻ کانپوءِ قيادت لاءِ ٽن رانديگرن ۾ سخت مقابلو آهي.
بابر اعظم طرفان اوچتو ڪپتاني تان استعيفيٰ ڪيئي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن، هاڻ قومي وائيٽ بال ٽيم جو ايندڙ ڪپتان ڪير هوندو؟
وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي حوالي سان اطلاع آهن ته کين ڪپتان بڻائڻ جو تمام گهٽ امڪان نظر اچي رهيو آهي.
قومي وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتاني لاءِ ٽيسٽ ٽيم جي نائب ڪپتان سعود شڪيل، اوپنر فخر زمان ۽ آل رائونڊر سلمان علي آغا جا نالا غور هيٺ آهن.
سعود شڪيل کي بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان جي جاءِ تي ڪپتان شان مسعود جو نائب مقرر ڪيو ويو هو.
فخر زمان پاڪستان سپر ليگ ۾ لاهور قلندرز جي قيادت ڪري چڪو آهي، جڏهن ته آل رائونڊر سلمان علي آغا کي ڪپتاني جو ڪو تجربو نه آهي.
ياد رهي ته گذريل سال نومبر ڀارت ۾ ٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ بابر اعظم ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ شان مسعود کي ٽيسٽ جڏهن ته شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو هو.
سال 2024 جي شروعات ۾ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي تبديليءَ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني شاهين آفريدي کان کسي وئي.
بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو، پر آئرلينڊ هٿان شڪست، انگلينڊ خلاف سيريز هارائڻ ۽ وري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي پهرئين ئي مرحلي ۾ آمريڪا ۽ ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.