ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ريپر، گلوڪار ۽ موسيقار يو يو هني سنگهه پاڪستان ۾ پرفارم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
ويجهڙائي ۾ ابوظهبي ۾ ٿيل آئيفا ايوارڊز 2024 جي تقريب دوران ريڊ ڪارپٽ تي کائنس پاڪستاني مداحن بابت سوال پڇيو ويو.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ يو يو هني سنگهه چيو ته سندس پاڪستاني فينز لاءِ پيغام اِهو آهي ته هو دعا ڪن ته هو جلد ئي پاڪستان ۾ پرفارم ڪرڻ اچي.
هن پنهنجي فيورٽ پاڪستاني فنڪارن جو ذڪر ڪندي چيو ته مهدي حسن، غلام علي، علي عظمت، عاطف اسلم، صنم ماروي ۽ ٻين ڪيئي فنڪارن کي پسند ڪري ٿو.
هني سنگهه وڌيڪ ٻڌايو ته هو دبئي ۾ 12 ورهين کان ڪنسرٽس ڪري رهيو آهي، جتي پاڪستاني مداح وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا آهن.
هن چيو ته پر جيڪي مداح پاڪستان ۾ آهن ۽ دبئي نٿا اچي سگهن، اُهي به کيس پاڪستان ۾ پرفارم ڪندو ڏسڻ چاهين ٿا.
آخر ۾ هني سنگهه تصديق ڪئي ته هو ايندڙ سال پهريون ڀيرو انگلينڊ جي ٽور تي وڃي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن وقت مليو ته پاڪستان اچي پرفارم ڪندو.
You might also like