ڪارساز حادثو ڪيس، جوابدار نتاشا رڳو 43 ڏينهن ۾ جيل مان آزاد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ڪارساز حادثي ۾ ملوث جوابدار نتاشا جي 10 لک رپين عيوض ضمانت منظوري کانپوءِ آزادي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ کيس 43 ڏينهن بعد جيل مان آزادي ملي وئي آهي.
عدالت جوابدار کي 3 آڪٽوبر تي لاڳاپيل عدالت سامهون پيش ٿيڻ جو حڪم به ڏنو آهي.
واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي، جنهن جو لکت فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهو واضح ڪري ڇڏيون ته عدالت ڪنهن دٻاءَ ۾ اچڻ بنا قانون موجب فيصلو ڪندي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبدالڪريم خان آغا منشيات ڪيس ۾ جوابدار نتاشا جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جوابدار طرفان فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ منشيات جي ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت منظور ڪئي، عدالت جوابدار کي ضمانت عيوض 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.