آءِ پي ايل ۾ پرڏيهي رانديگرن جي وڏي ڪمائي جو رستو رُڪجي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ انڊين پريميئر ليگ ۾ پرڏيهي رانديگر جي وڌيڪ ڪمائي جو رستو روڪي ڇڏيو.
رپورٽ موجب هاڻ ڪو به پرڏيهي رانديگر آءِ پي ايل ۾ مهانگو ترين رانديگر نه بڻجي سگهندو.
آءِ پي ايل لاءِ نيلامي ۾ چونڊجڻ کانپوءِ هٿ کڻندڙ پرڏيهي رانديگر تي ٻن سالن جي پابندي هوندي، پرڏيهي رانديگر کي هٿ کڻڻ کان اڳ مضبوط ڪارڻ ٻڌائڻو پوندو، رانديگر رڳو انجري ۽ طبي سببن جي بنياد تي هٿ کڻي سگهندو، تصديق رانديگر جو هوم بورڊ ڪندو.
ميگا آڪشن لاءِ پاڻ کي رجسٽر نه ڪرائيندڙ مني آڪشن ۾ حصو نه وٺي سگهندا.
واضح رهي ته آسٽريليا جا مچل اسٽارڪ ۽ پيٽ ڪمنز گذريل سيزن ۾ رڪارڊ معاوضي لاءِ چونڊيا هئا، هاڻ پرڏيهي رانديگر مني آڪشن لاءِ رجسٽر نه ٿي سگهندا.
مني آڪشن لاءِ وڌ کان وڌ فيس به طئي ڪئي وئي آهي، وڏي آڪشن ۾ 18 ڪروڙ ڀارتي رپيا، جڏهن ته مني آڪشن ۾ فيس 16 ڪروڙ ڀارتي رپيا هوندي، جيڪڏهن ان کان وڌيڪ فيس آڪشن ۾ وڃي ٿي ته واڌو رقم ڀارتي بورڊ کي ڏني ويندي، جيڪا پليئر ويلفيئر لاءِ استعمال ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.