جعلي پارليامينٽ مان ترميم ڪرائڻ زيادتي آهي، نيون چونڊون چاهيون ٿا: فضل الرحمان

پشاور (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هيءَ پارليامينٽ ته آئيني ترميم ڪرڻ جو مينڊيٽ نٿي رکي، ان جعلي قسم جي پارليامينٽ مان ايڏي وڏي آئيني ترميم ڪرائڻ ناانصافي آهي.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ جو مينڊيٽ ناهي ته اها ترميم ڪري، اسان چاهيون ٿا ته نيون چونڊون ٿين، هيءَ پارليامينٽ ايڏي وڏي آئيني ترميم جي حقدار ناهي، جعلي قسم جي پارليامينٽ مان قانون سازي ڪرڻ مناسب ناهي.
هن چيو ته پ پ، پي ٽي آءِ ۽ اسان مسودو شيئر ڪنداسين، اهڙي ترميم آڻيو، جنهن سان عوام کي رليف ملي، جمهوريت مضبوط ٿئي، پارليامينٽ جي خود مختياري تي ڪا سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته نه مرڪز ۾ نه خيبر پختونخواهه ۾ عوام جي حڪومت آهي، ڪي پي ۾ اسان جو مينڊيٽ چورائي انهن کي ڏنو ويو، صوبي ۾ باهه ٻري رهي آهي، اها ئي صورتحال بلوچستان جي آهي، هتي به ماڻهو گم آهن ۽ بلوچستان ۾ به.
فضل الرحمان چيو ته جلسا روڪڻ غير جمهوري آهي، پي ٽي آءِ کي جلسن جي اجازت نه ڏيڻ زيادتي سمجهان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.