افغانستان جي صورتحال ويڙهاڪ گروهن لاءِ سازگار آهي: سعودي عرب

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ صورتحال جنگجو مليشيا ۽ مختلف گروهن لاءِ سازگار بڻيل آهي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي سعودي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته سعودي عرب فلسطينين خلاف اسرائيلي ڏوهن کي رد ڪري ٿو، سعودي عرب جنگ جي شروعات کان هن وقت تائين فلسطيني عوام لاءِ 5 ارب ڊالر امداد ڏئي چڪو آهي.
ايران بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اميد آهي ته ايران پنهنجي ايٽمي، بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي عالمي برادري سان سهڪار ڪندو، جنگ سبب متاثر شام سان لاڳاپن جي بحالي جو مقصد خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ آهي.
شهزادي فيصل بن فرحان موجب افغانستان کي دهشتگردن جو شڪار بڻجڻ لاءِ اڪيلو نٿو ڇڏي سگهجي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ سيڪيورٽي صورتحال درست ڪرڻ ضروري آهي.
سعودي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته عالمي برادري يوڪرين روس بحران ختم ڪري، سعودي عرب ان لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.