پي ٽي آءِ جي 58 اڳواڻن خلاف دهشتگردي قلمن تحت ڪيس داخل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي پوليس گذريل ڏينهن لياقت باغ ۽ ڀرپاسي ۾ احتجاج ۽ چڪرين کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 58 کان وڌيڪ مقامي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.
وارث خان ٿاڻي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ سيمابيا طاهر، شهريار رياض، اعجاز خان جازي، راشد حفيظ، اجمل صابر ۽ ناصر محفوظ کي نامزد ڪيو ويو آهي.
راولپنڊي پوليس داخل ڪيس ۾ چوڌري امير افضل، عمر تنوير بٽ ۽ ملڪ فيصل سميت 150 اڻڄاتل ماڻهن کي به نامزد ڪيو آهي، ڪيس ۾ پوليس پاران دهشتگردي، قتل جي ڪوشش، ڀڃ ڊاهه، حڪومت جي ڪم ۾ رنڊڪ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن لياقت باغ ۾ رياست مخالف نعرا هنيا، ڪارڪنن هٿيار ۽ لٺيون کنيون، جڏهن ته ڪارڪنن پوليس اهلڪارن ۽ سرڪاري گاڏين تي پٿراءُ پڻ ڪيو.
ايف آءِ آر موجب اهلڪارن جي تشدد سبب پوليس اهلڪار منيب عباس ۽ اجمل خان زخمي ٿي پيا، جوابدارن پاران پٿراءُ ڪرڻ سبب اهلڪارن جي گاڏين کي به نقصان پهتو، جڏهن ته جوابدار سرڪاري هٿيار به کڻي ويا ۽ هوائي فائرنگ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.