ڪوڙ جا هٿ پير ناهن هوندا پر پويان ”رڪارڊ“ ڇڏي ويندو آهي، جيڪو محققن جي هٿ لڳي ويو آهي ۽ ان سوال جو جواب ڄاڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ته مرد وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيدا آهن يا عورتون؟
جرمني ۽ برطانيا ۾ ان حوالي سان هڪ تحقيق ڪئي وئي، ڇو ته اها مخصوص ملڪن جي حد تائين ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري اهو نٿو چئي سگهجي ته هر هنڌ ائين ئي هوندو.
اچو ته هاڻ تحقيق ڏانهن هلون، جنهن ۾ پرسنٽيج سان واضح ڪيو ويو آهي ته روز، ماهوار ۽ سالياني بنيادن تي ڪير ڪوڙ ڳالهائيندو آهي.
مرد ۽ عورتون ٻئي انسان آهن، ٻئي مختلف ماڻهن سان مُنهن پوندا آهن، ٻنهي جون ڪمزوريون ۽ مجبوريون به ٿي سگهن ٿيون، تنهن ڪري سبب ڄاڻائڻ جي نوبت اچڻ حيران ڪندڙ ناهي پر مردن سان معذرت ڪندي تحقيق ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته عورتن جي ڀيٽ ۾ اهي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.
انگن اکرن موجب 42 سيڪڙو مرد ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، ڏينهن ۾ سراسري طور 3 ڀيرا غلط بياني ڪئي ويندي آهي ۽ سال ۾ تقريبن هڪ هزار 95 ڀيرا اها ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
ان تحقيق لاءِ 14 هزار ماڻهن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو ۽ اهو به جاچيو ويو ته برزگ وڌيڪ ڳالهائيندا آهن يا نوجوان؟
نوجوانن ۽ برزگن جي ڊيٽا جي جائزي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته نوجوان وڏي عمر جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.
You might also like