ممبئي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي سونهن راڻي ۽ بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ايشوريا راءِ بچن کي ڌيءُ آراڌيا سان گڏ هر هنڌ ۽ هر تقريب ۾ ڏٺو ويندو آهي.
جيتوڻيڪ ايشوريا ۽ اڀيشيڪ وچ ۾ عليحدگي جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن پر ان باوجود اداڪارا پنهنجي نياڻي سان هر هنڌ خوش نظر اچي رهي آهي.
تازو ئي اداڪارا کي آراڌيا سان گڏ انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊمي ايوارڊ ( آئيفا ) اتساوم 2024 ۾ شرڪت لاءِ ابوظهبي ۾ ڏٺو ويو جنهن دوران صحافي کائنس سوال ڪيو ته آراڌيا هر هنڌ اوهان سان گڏ ڇو هوندي آهي؟
صحافي جي سوال جي جواب۾ ايشوريا راءِ چيو ته آراڌيا منهنجي ڌيءَ آهي انڪري ئي مون سان هر هنڌ گڏ هوندي آهي.
You might also like