ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها ۽ اداڪار ظهير قبال ستن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين هڪٻئي کي ڊيٽ ڪرڻ کانپوءِ شادي جو فيصلو ڪيو هو.
هلندڙ سال جون ۾ سوناڪشي ۽ ظيهر ممبئي ۾ پنهنجي گهر ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب دوران رجسٽرڊ ميرج ڪئي، شادي کانپوءِ سوناڪشي ۽ ظهير طرفان هڪ شاندار آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ سلمان خان، هما قريشي، ريکا ۽ ڪاجول سميت نامور بالي ووڊ ستارن شرڪت ڪئي.
ان ڏس ۾ تازو ئي هڪ انٽرويوءَ دوران سوناڪشي سنها ظهير اقبال سان پنهنجو رشتو ڳجهو رکڻ بابت تفصيلي گفتگو ڪئي آهي.
اداڪارا چيو ته هوءَ سمجهي ٿي ته ذاتي شين کي هميشه ذاتي رکڻ ئي بهتر آهي، اوهان اڳواٽ ئي لائم لائيٽ ۾ آهيو، هر شخص اوهان کي سڃاني ٿو تنهنڪري جيڪا شئي اوهان لاءِ انتهائي عزيز آهي تنهن کي سڀني کان لڪائي رکڻ گهرجي.
سوناڪشي واضح ڪيو ته سندس فيصلي پٺيان ڪو وڏو راز لڪل ناهي، هن اعتراف ڪندي ٻئي ملياسين ۽ پيار ٿي ويو، ملاقاتون وڌنديون ويون، احساس ٿي ويو هو ته اسان اڳتي هلي هڪ ٿينداسين پر ظيهر فيصلو ڪرڻ ۾ وقت ورتو.
ٻئي پاسي ساڳي ئي انٽرويو دوران سوناڪشي سنها سان محبت بابت ظهير اقبال چيو ته شروع ۾ هن کي لڳو ته سوناڪشي لاءِ سندس جذبا رڳو دلچسپي سبب آهن پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو سندس جذبا وڌيڪ گهرا ٿيندا ويا.
واضح رهي ته سوناڪشي سنها جي مسلمان دوست ظهير اقبال سان شادي جي اعلان کانپوءِ ڀارت ۾ ٻائيتال مچي ويو ۽ خاندان ۾ اختلافن جون خبرون پڻ سامهون آيون هيون.
You might also like