ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گهرو کاتي طرفان راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي رينجرز کي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيڪفيشن موجب، پنجاب حڪومت طرفان راولپنڊي ڊويزن ۾ ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ هر قسم جي سياسي ميڙاڪي، ڌرڻي، جلسي، مظاهري، احتجاج ۽ اهڙي سمورين سرگرمين تي پابندي مڙهي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، راولپنڊي ڊويزن ۾ هٿيار رکڻ ۽ نمائش تي به پابندي هوندي، قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي اهلڪارن کي پابندي کان ڇوٽ حاصل هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پابندي 28 سپٽيمبر کان 29 آڪٽوبر تائين لاڳو هوندي، راولپنڊي ڊويزن جي ضلعن راولپنڊي، اٽڪ، جهلم ۽ چڪوال ۾ قلم 144 لاڳو هوندو.
ٻئي پاسي ضلعي انتظاميا جي سفارش تي راولپنڊي ۽ اٽڪ ۾ رينجرز جون 6 ڪمپنيون مقرر هونديون.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته هٿيارن سان ليس شرپسند عنصرن جي راولپنڊي آمد جو انديشو آهي ۽ امن امان جي قيام، انساني جانين ۽ ملڪيتن جي تحفظ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رينجرز جي مقرريءَ لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.