ڇا اوهان سنڌن جي سور ۾ مبتلا آهيو؟ جيڪڏهن ها ته اوهان اڪيلا ناهيو حقيقت ۾ عمر جي چوٿين ۽ پنجين ڏهاڪي ۾ گھڻا ماڻهو ان تڪليف کي منهن ڏيندا آهن.
حقيقت ۾ عمر وڌڻ سان گڏ هڏا به ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن جنهن جي ڪري سنڌن جو سور ماڻهن کي پنهنجو شڪار بڻائيندو آهي.
عام طور تي اهو مرض رت ۾ يورڪ ايسڊ ڄمڻ جي نتيجي ۾ ٿيندو آهي.
عام طور تي اهو يورڪ ايسڊ رت ۾ گڏجي بُڪين جي رستي پيشاب جي ذريعي نڪري ويندو آهي پر جڏهن جسم ۾ ان جو گھڻو مقدار بڻجڻ لڳي ته بُڪيون ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وينديون آهن.
ان جي نتيجي ۾ اهو سنڌن ۾ ڪرسٽل جي شڪار ۾ ڄمڻ لڳندو آهي جنهن سان سنڌن ۾ سور ٿيڻ لڳندو آهي.
سنڌن جي سور جا مختلف قسم آهن ۽ لڳ ڀڳ سڀ ۾ سوڄ جو ڪردار اهم هودنو آهي.
پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه گھريلو ٽوٽڪن سان سنڌن جي تڪليف ۾ گھٽتائي آڻڻ ممڪن آهي.
حقيقت ۾ ڊاڪٽر به اهڙن طريقن جي حمايت ڪندا آهن.
اوميگا 3 سپليمينٽس جو استعمال
تحقيقي رپورٽن مان ثابت ٿيو آهي ته اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز جي سپليمينٽس و استعمال جسماني سوڄ ۾ گھٽتائي آڻيندو آهي ۽ ان سان سنڌن جي تڪليف گھٽجي ويندي آهي.
پرو بائيوٽڪس کان مدد وٺو
اسان جي معدي ۾ موجود بيڪٽيريا سنڌن جي صحت جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.
اهو ئي سبب آهي جو معدي ۾ موجود صحت لاءِ فائديمند بيڪٽيريا جو انگ وڌائڻ سنڌن جي مسئلن کان به تحفظ فراهم ڪندو آهي.
ان مقصد لاءِ ڏهي کائڻ بهتر هوندو آهي ڇو جو ان ۾ موجود پروبائيوٽڪس سان معدي ۾ صحت لاءِ فائديمند بيڪٽيريا جو انگ وڌندو آهي.
مراقبو به فائديمند آهي
گھڻو ڪري آٽو اميون مرضن (جن ۾ جسماني مدافعتي نظام صحتمند جيوگھرڙن تي حملو ڪندو آهي) سان سنڌن جي مسئلن جي شدت دٻاءَ سبب وڌي ويندي آهي.
اهو ئي سبب آهي جو دٻاءَکي ڪنٽرول ڪرڻ سنڌن جي تڪليف کي گھٽائڻ ۾ به مدد فراهم ڪندو آهي ۽ مراقبو دٻاءَ ۾ گھٽتائي آڻڻ جو سٺو طريقو آهي.
لونگ جو استعمال
لونگ ۾ سوڄ کي گھٽائيندڙ ڪيميائي مُرڪب موجود هوندا آهن.
هڪ تحقيق موجب لونگ جو استعمال اهڙي پروٽين کي جسم ۾ خارج ٿيڻ کان روڪيندو آهي جيڪو سوڄ کي وڌائيندو آهي.
ان کانسواءِ لونگ ۾ اينٽي آڪسائيڊنٽس به موجود هوندا آهن جيڪي هڏن جي ڪمزور ٿيڻ جو عمل سست ڪري ڇڏيندا آهن.
هيڊ به فائديمند
هيڊ ۾ موجود جُز سوڄ ختم ڪندڙ هوندا آهن ۽ ڪجههه تحقيقي رپورٽن ۾ ان کي سنڌن جي تڪليف کي منهن ڏيندڙ ماڻهن لاءِ دوا جيترو اثرائتو قرار ڏنو ويو آهي.
ان ڪري هيڊ جي سپليمينٽس جو استعمال ڪري سگھجي ٿو ان حوالي سان ڊاڪٽرن سان مشورو ڪرڻ به بهتر آهي.
ٿوري ورزش
پنڌ ڪرڻ اهڙي ورزش آهي جيڪا هڏن جي تڪليف کي گھٽائي سگھي ٿي.
جسماني سرگرمين سان جسماني وزن ۾ گھٽتائي ايندي آهي ۽ سنڌن جي تڪليف ۾ اضافي جسماني وزن مک ڪردار ادا ڪندو آهي.
سائي چانهه
سائي چانهه پيئڻ جي عادت سان به جسماني سوڄ ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي آهي.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته سائي چانهه ۾ موجود اي جي سي جي نالي جُز جسماني سوڄ ۾ گھٽتائي آڻيندو آهي.
هڪ ٻي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته سائي چانهه پيئڻ سان سنڌن جي تڪليف جي شدت ۾ گھٽتائي ايندي آهي.
وٽامن ڊي
گھڻن ماڻهن ۾ سنڌن جو سور وٽامن ڊي جي کوٽ جو نتيجو به هوندو آهي.
تحقيقي رپورٽس موجب جسم ۾ وٽامن ڊي جي سطح معمول تي رکڻ هڏن کي نقصان کان بچائيندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌن جو مرض اوهان کي شڪار ناهي بڻائيندو.
جسم ۾ وٽامن ڊي جي سطح کي وڌائڻ لاءِ روز 10 کان 15 منٽ سج جي روشني ۾ رهڻ فائديمند ثابت ٿيندو آهي جڏهن ته کير، بيضي يا مڇي جهڙي خوراڪ به وٽامن ڊي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي.
ادرڪ
ادرڪ کي پيسي ان جي پيسٽ کي متاثر حصن تي لڳائڻ سان به سنڌن جي تڪليف ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
ان پيسٽ ۾ زيتون جي تيل کي به شامل ڪريو ۽ متاثر حصي تي لڳائي 10 کان 15 منٽن تائين ڇڏي ڏيو.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته ادرڪ جو پيسٽ دماغي ڪيميڪل جي مقدار کي گھٽائيندو آهي جيڪو مرڪزي اعصابي نظام کي تڪليف جو سگنل پهچائڻ جو ڪم ڪندو آهي.
اُگهاڙي پير گھمڻ
پيرين اُگهاڙي گھمڻ سان گوڏن جي سنڌن تي دٻاءُ گھٽ هوندو آهي جنهن سان تڪليف ۾ گھٽتائي ايندي آهي.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته سنڌن جا مريض جڏهن جوتا پهري هلندا آهن ته سنڌن تي دٻاءُ وڌندو آهي.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالي ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان ڊاڪٽرز سان به مشورو ڪرڻ گھرجي.