برطانيا ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي روز مختلف وقتن ۾ سمهن ۽ جاڳن ٿا انهن ۾ دل جي بيمارين جا خطرا ڇويهه سيڪڙو وڌي ويندا آهن.
جرنل آف ايپيڊيمولوجي ۽ ڪميونٽي هيلٿ ۾ ڇپيل تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته اهڙا ماڻهو جن جي ننڊ جي طريقيڪار يڪسانيت ناهي، انهن کي دل جو دورو يا فالج جا خطرا گهڻا هوندا آهن.
ڄاڻايل مطالعي مان خبر پئي آهي ته جيڪي ماڻهو ننڊ جي اصل وقت بدران ٻين وقت ۾ هر جاڳندا ۽ هر سمهندا آهن انهن ۾ دل جون بيماريون وڌيڪ ٿين ٿيون.
ماهرن چيو ته دل جي صحت جي لاءِ ننڊ جي اصل وقت جي وڏي اهميت آهي، ان اڳيان ننڊ جو مدو به ڪا اهميت نٿو رکي، مطلب ته جيڪڏهن توهان ڀلي کڻي ڏينهن جو ست کان نَوَ ڪلاڪ ننڊ پوري ڪيو پر رات جي وقت جاڳندا رهو ٿا ته اهو توهان لاءِ نقصانڪار ئي آهي.
اهڙي تحقيق لاءِ ماهرن ٻاهتر هزار کان مٿي ماڻهن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ۽ انهن جي ننڊ واري طريقيڪار کي جاچڻ لاءِ هڪ هفتي تائين ٽريڪر لڳائي انهن ٽريڪرن کان ڊيٽا ورتي وئي.
تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته جنهن ماڻهو جي ننڊ واري طريقيڪار ۾ جيتري بي قاعدگي هئي انکي اوترو ئي دل جا خطرا وڌيڪ هئا.