نَڪ ۽ ڪَن سبرائيندڙ عورتون ڌيان ڏين!

نَڪ ۽ ڪَن سبرائڻ ڪيترين ئي ڇوڪرين جي شوق سان گڏوگڏ هڪ ڪنوار لاءِ به ضروري آهي، جڏهن ته ڪن ۾ هڪ سوراخ کان وڌيڪ سوراخ به ڪرايا ويندا آهن.
ڪن ۽ نڪ سبرائڻ کانپوءِ انفيڪشن ٿيڻ هڪ عام ڳالهه آهي، ائين اڪثر برسات جي مند ۾ ٿيندو آهي، نڪ ۽ ڪن سنبرائڻ کانپوءِ ان جي سار سنڀال ضروري آهي، ڇو ته ان ۾ ريشو ۽ پاڻي ڀرجڻ جا امڪان هوندا آهن.
نڪ ۽ ڪن سبرائڻ کانپوءِ تڪليف ٿيڻ قدرتي ڳالهه آهي پر جيڪڏهن ڪن ۾ ڪو داڻو نڪري ٿو ۽ اهو جاري رهي ٿو ته خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
ڪن ۽ نڪ سبرائڻ کانپوءِ انهن کي جراثيمن کان پاڪ رکڻ گهرجي ۽ توهان پنهنجا هٿ صاف ڪرڻ بنا انهن جاين تي نه لڳايو، ڇو ته انفيڪشن وڌي سگهي ٿو.
جيڪڏهن توهان ڪن ۽ نڪ سبرايو ٿا ته پوءِ تيستائين واليون پائي رکو، جيستائين سوراخ ٺيڪ نٿو ٿي وڃي، جيڪڏهن توهان فوري طور واليون لاهي ڇڏيندئو ته سوراخ بند ٿي سگهن ٿا.
جراثيمن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ توهان پنهنجي ڪن ۽ نڪ کي چڱي طرح صاف ڪيو، ان لاءِ جراثيم ڪش پاڻي جو استعمال بهتر آهي.
جڏهن توهان ڪن يا نڪ سنبرايو ٿا ته ان کانپوءِ ڏينهن ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا والين کي لازمي طور گهمايو، ائين ڪرڻ سان سوراخ سٺي نموني کلي ويندا ۽ ٻيهر بند ٿيڻ جو خدشو نه رهندو.
جيڪڏهن توهان کي ڪن ۽ نڪ ۾ تڪليف سان گڏ بخار يا جسم ۾ سُور محسوس ٿئي ٿو ته پوءِ فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.