آءِ ايم ايف قرض پروگرام جا سخت شرط سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف گذريل ڏينهن پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج جي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ قرض پروگرام جا سخت شرط سامهون اچي ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قرض پروگرام تحت پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪرڻو پوندو.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو شرط آهي ته پاڪستان اين ايف سي ايوارڊ فارمولي تي نظرثاني ڪندو ۽ آءِ ايم ايف صوبائي حڪومتن جا خرچ به مانيٽر ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي سخت شرطن ۾ اهو به شامل آهي ته مستقبل ۾ پنجاب حڪومت جيان بجلي اگهن تي رليف نه ڏنو ويندو ۽ پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام دوران ضمني گرانٽس جاري نه ڪندو.
ذريعن موجب پاڪستان زرعي شعبي، پراپرٽي سيڪٽر ۽ ريٽيل سيڪٽر کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻيندو، وفاق ۽ صوبن ۾ نئون نيشنل فنانس معاهدو ڪيو ويندو، جنهن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي.
آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پاڪستان توانائي شعبي کي جي ڊي پي جي هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ سبسڊي نه ڏيندو، بجلي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ سڌارا آندا ويندا، حڪومت بجلي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ گڏيل پيڪيج آڻيندي ۽ غذائي جسن جا امدادي اگهه مقرر نه ڪيا ويندا، گڏوگڏ واقي حڪومت جي ڍانچي کي گهٽ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.