عليم ڊار جو امپائرنگ کي الوداع چوڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) ماضيءَ ۾ آءِ سي سي جي ايليٽ پينل ۾ شامل ليجنڊري پاڪستاني امپائر عليم ڊار هلندڙ سال جي آخر ۾ پروفيشنل امپائرنگ کي مڪمل طور الوداع چوڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
عليم ڊار مارچ 2023 ۾ انٽرنيشنل امپائرنگ تان باظابطا طور رٽائرمينٽ ورتي هئي، پر هو علائقائي ۽ عالمي ڪرڪيٽ ليگز جي ميچن ۾ امپائرنگ جا فرض انجام ڏيندو رهيو.
فيصل آباد جي اقبال اسٽيڊيم ۾ جاري چيمپيئنز ون ڊي ڪپ ۾ به هو امپائرنگ جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي.
عليم ڊار اشارو ڏنو آهي ته هو هلندڙ سال جي آخر ۾ امپائرنگ ڇڏي ڏيندو، پنهنجو سمورو ڌيان ٿيليسيميا اسپتال تي ڏيندو.
عاليم ڊار 2004 ۾ آءِ سي سي ايليٽ پينل ۾ شامل ٿيو، هو 145 ٽيسٽ، 231 ون ڊي ۽ 72 ٽي ٽوئنٽي ميچن سميت مجموعي طور تي 4480 عالمي مقابلن ۾ امپائرنگ ڪري چڪو آهي.
هن 2009 کان 2011 تائين لاڳيتو ٽي ڀيرا سال جي بهترين امپائر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو، عليم ڊار کي 5 آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ، 7 ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ 5 آءِ سي سي سي چيمپيئنز ٽرافي ٽورنامينٽس دوران به امپائرنگ ڪرڻ جو منفرد اعزاز حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.