نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي برادري اسرائيل جو احتساب ڪري.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ملاات ٿي، جنهن ۾ شهباز شريف سربراهي ڪانفرنس جي آجيان ڪندي چيو ته اها ترقي پذير ملڪن لاءِ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
هن ڀارت جي جارحاڻي ڪارروائين جي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ تڪرار جي حل تي زور ڏنو.
شهباز شريف فلسطينين خلاف اسرائيلي ڪارروائين جي به مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته غزا ۾ فوري طور ۽ غير مشروط جنگبندي ڪئي وڃي.
وزيراعظم چيو ته خود مختيار فلسطيني رياست ۽ تخت گاهه القدس الشريف جي حمايت ڪيون ٿا.
You might also like