ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بورڊ آف ڪرڪيٽ ڪنٽرول فار اِن انڊيا ( بي سي سي آءِ ) جي موجودا سيڪريٽري جئه شاهه تازو ئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، جئه شاهه ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سڀ کان ننڍي عمر واري ايڊمنسٽريٽر طور هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي جنهن کانپوءِ هاڻ جئه شاهه هلندڙ سال پهرين ڊسمبر کان آءِ سي سي چيئرمين طور پنهنجو عهدو سنڀاليندو.
ان سڃاڻپ جئه شاهه جي ڪُل اثاثن جي ماليت ۾ به واڌارو ڪيو آهي، ويجهڙ ۾ ڀارتي ميڊيا تي جئه شاهه جي ڪُل اثاثن ۽ معاوضن بابت هڪ رپورٽ شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ بي سي سي آءِ سيڪريٽري جي ڪل اثاثن جي ماليت 124 ڪروڙ ڀارتي رُپيا ٻڌائي پئي وڃي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کانسواءِ جئه شاهه جي آمدني جا ذريعا ڪهڙا آهن؟
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، جئه شاهه جي مجموعي اثاثن ۾ ڪرڪيٽ مان حاصل ٿيندڙ آمدني کانسواءِ ٽيمپل انٽرپرائز جي ڊائريڪٽر طور حاصل ٿيندڙ آمدني پڻ شامل آهي.
غور ڪرڻ جوڳي ڳالهه اها آهي ته بي سي سي پنهنجي عهديدارن کي ماهوار پگهار نه ڏيندو آهي، عهديدارن کي روزاني بنيادن تي الائونس(ڏيهاڙي) ڏنو ويندو آهي، بي سي سي عهديدارن کي پرڏيهي دورن دوران 40 هزار ڀارتي رپين کان اسي هزار ڀارتي رپين تائين ڏيهاڙي ڏني ويندي آهي.
رپورٽ موجب، بي سي سي طرفان آءِ جئه شاهه کي پرڏيهي دورن جي مد ۾ هڪ ڏينهن جو معاوضو 84 جزار ڀارتي رُپيا ادا ڪيو ويندو آهي، جئه شاهه پروفيشنلز ٽور لاءِ بزنس ڪلاس ۾ سفر ڪندو آهي.
ان کانسواءِ جئه شاهه کي ملڪ جي مختلف شهرن جي دورن دوران روزاني بنيادن تي ٽيهه هزار ڀارتي رُپيا معاوضو ادا ڪيو ويندو آهي.
بي سي سي آءِ جئه شاهه جي ملڪي ۽ پرڏيهي دورن جي رهائش جو خرچ به برداشت ڪندو آهي، دورن دوران جئه شاهه جي قيام لاءِ لگزري هوٽل جا ڪمرا بُڪ ڪيا ويندا آهن.
You might also like