راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ايندڙ چيف جسٽس جي مقرري جو اعلان جلد ڪيو وڃي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي سينير ترين جج جسٽس منصور علي شاهه جي مڪمل طور حمايت ڪيون ٿا.
هن چيو ته آئيني عدالت جو مقصد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پاور کي ختم ڪرڻ آهي، حڪومت سموري عدليا کي تباهه ڪري رهي آهي، اليڪشن فراڊ کي ڪور ڪرڻ لاءِ انهن کي پنهنجا جج کپن، اهي چاهين ٿا ته پي ٽي آءِ ڪنهن به ريت مٿي نه اچي.
سندس چوڻ هو ته اسان کي ڪو جلسو ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي، راولپنڊي ۾ جلسي جي اجازت نه ڏني وئي ته احتجاج ڪنداسين.
You might also like