ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ وري وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ سون تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سموري ملڪ ۾في تولو سون 2500 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 75 هزار 5 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 2144 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 36 هزار 197 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 25 ڊالر چاڙهه بعد 2 هزار 6 سئو 53 ڊالرز جو ٿي وئي آهي.
You might also like