اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف ريفرنس واپس نيب ڏانهن موڪلڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
احتساب عدالت جي جج عابده سجاد، آصف علي زرداري، نواز شريف ٻين خلاف توشا خانا ريفرنس نيب ڏانهن واپس موڪلڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ان سلسلي ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ نواز شريف جو وڪيل قاضي مصباح ۽ پليڊر رانا عرفان احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج چيو ته ڌريون ان نڪتي تي متفق آهن ته ريفرنس هن عدالت جي دائري ۾ نه ٿو اچي، جڏهن اِهو ڪيس آيو هو ته تڏهن آصف علي زرداري کي صدارتي ڇوٽ حاصل نه هئي، جنهن تي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف علي زرداري پهريان به صدر بڻيو ته کيس ڇوٽ حاصل هئي پر جڏهن صدارت جي منصب تان لٿو ته ٻه ڀيرا نيب ۾ پيش ٿيو هو، احتساب عدالت ريفرنس واپس ڪري، اڳتي نيب جو اختيار آهي ته هو ڪيس ڪنهن ڏانهن اُماڻي ٿو، هاڻي ڪيس جنهن وٽ به ويندو اتي سوال ٿيندو ته ڇا آصف زرداريءَ تي ڪيس ٺهي ٿو يا نه؟
نواز شريف جي وڪيل قاضي مصباح چيو ته ان کان اڳ جڏهن عدالت فيصلو ڪيو ته ڪيس واپس نيب ڏانهن موڪليو ويو، اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطاءَ بنديال جي فيصلي جي روشني ۾ ڪيس واپس احتساب عدالت آيو.
نواز شريف، آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني جي وڪيلن توشا خانا ريفرنس نيب ڏانهن واپس موڪلڻ جي استدعا ڪئي جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته الزام آهي ته آصف علي زرداري چيف ڏنو جيڪو بائونس ٿي ويو .
فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ان کان اڳ اهڙو ئي هڪ ڪيس نيب ڏانهن واپس موڪليو ويو هو، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جڏهن هڪ ڪيس احتساب عدالت جي دائري ۾ ئي نٿو اچي ته ميرٽ ڊسڪس نه ٿيندا، فيصلو احتساب عدالت کي ڪرڻو آهي ته ريفرنس نيب ڏانهن واپس موڪليو ويندو يا نه، صدر آصف علي زرداري کي صدارتي ڇوٽ حاصل آهي، سندس خلاف ڪيس هلي ئي نٿو سگهي، آصف علي زرداري جو ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو ويندو.
نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته نواز شريف جو ڪيس الڳ ٿيندو ۽ آصف علي زرداري جو ڪيس الڳ هلندو، ان کان اڳ جڏهن ڪيس واپس موڪليو ويو ته آصف زرداري صدر نه هو، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪيس واپس ڪرڻ بدران ڪنهن ٻي عدالت موڪلڻ ميرٽ ڊسڪس ڪرڻ جي برابر آهي، هن عدالت وٽ ڪيس هلائڻ جو، اسٽي آرڊر ڏيڻ جو به اختيار نه آهي، آصف علي زرداري جي وڪيل طور چئي رهيو آهيان منهنجي خلاف آرڊر ڪرڻ جو ڪو به حق نه آهي.
نيب پراسيڪيوٽر چيو ته عدالت صدر زرداري کي اڳواٽ ئي ڇوٽ ڏئي چڪي آهي،جيستائين آصف زرداري صدر آهي، تيستائين اِهو ڪيس اتي ئي رُڪيل رهندو.
جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جيڪڏهن عدالت اِهو ريفرنس پاڻ وٽ رکيو ته اِها قانون جي ڀڃڪڙي هوندي، عدالت نيب جا ڪارا ڪرتوت انهن جي ئي حوالي ڪري.
پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته عدالت نواز شريف جي حد تائين ريفرنس واپس نيب ڏانهن موڪلي ڇڏي، آصف زرداري جي حد تائين اسٽي رکي.
احتساب عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ آصف زرداري، نواز شريف ۽ ٻين خلاف توشا خانا ريفرنس واپس نيب ڏانهن موڪلڻ بابت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 14 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو .
You might also like