عمران خان جي ڪورٽ مارشل جي اجازت ملي وئي

لاهور (امداد سومرو) عمران خان جو ملٽري ٽرائل روڪرائڻ لاءِ جيڪا درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڏني وئي هئي اها درخواست جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اڪلائي ڇڏي آهي ۽ اهڙي ريت اڻ سڌي ريت عدالت عمران خان جي ملٽري ٽرائل جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ڇو ته عدالت بچاءَ واري وزارت کان واضح موقف وٺي اچڻ جو چيو هو جيڪو ايڊيشنل اٽارني جنرل پيش ڪيو. هن عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان جي ملٽري ٽرائل جي حوالي سان ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي رهي پر جيڪڏهن ائين ڪرڻو پيو ته رول 549 تحت طريقيڪار کي فالو ڪيو ويندو. ان جو مطلب اهو آهي ته عمران خان جو ملٽري ٽرائل ٿيندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سول عدالت جي اجازت سان ملٽري ٽرائل ڪيو ويندو. ان تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ جي درخواست اڪلائي  ڇڏي. هن اهو نه چيو ته ڇو عمران خان جو ملٽري ٽرائل ٿيندو هو؟ هڪ سويلين آهي جڏهن ته اهو سمجهيو ويندو آهي ته جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جو لاڙو پي ٽي آءِ ڏانهن آهي پر هاڻي اشارو ملي ٿو ته عمران خان کي فوج حوالي ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪري ڇڏيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 25 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.