جسٽس قاضي فائز جي رٽائرمينٽ بعد عام چونڊون رد ٿيڻ جا امڪان

اسلام آباد (عمر چيما) عمران خان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وڃڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي ۾ ان جون نشانيون ملن ٿيون. سپريم ڪورٽ باور ڪرايو ته سپريم ڪورٽ جي ڪيتري ذميواري آهي ته اها آزاد اليڪشن کي يقيني بڻائي. چيو ويو ته هڪ نظرثاني التوا هيٺ آهي، جنهن مان سندن مراد چيف جسٽس پاران چونڊ نشان جي فيصلي ڏانهن اشارو هو. اشارو اهو ڏنو ويو ته ريويو پينڊنگ ۾ آهي ۽ اسان ان کي ڏسي وٺنداسين. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن کي نشانو بڻايو ويو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري جون چونڊون شفاف بڻائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. اهي ٻئي ڳالهيون اهم آهن جيڪي اڳتي هلي مسئلا  کڙا ڪري سگهن ٿيون. جيڪڏهن آئيني عدالت نه آئي ۽ اها ئي سپريم ڪورٽ رهي ته حڪومت مهينن جي مهمان هوندي. هو چاهيندا ته چونڊون شفاف ناهن ۽ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 25 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.