تڪرارن جو ٽياڪڙي ذريعي حل وقت جي اهم ضرورت آهي: جسٽس منصور علي شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته ادارا رڳو ڳالهين ذريعي ترقي ڪري سگهن ٿا.
فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي قانون شعبي ۽ فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي اسلام آباد جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن جي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي ڳالهه ٻولهه، ڀائيواري جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ گهرجي، ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته تڪرارن جو ٽياڪڙي ذريعي حل وقت جي اهم ضرورت آهي، مون کي نٿو لڳي ته تڪرارن جي ٽياڪڙي حل بنا اسان 24 لک ڪيسن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا.
هن چيو ته اسان قانوني ڪارروائي ڪندڙ معاشرو آهيون، جنهن سان ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي انگ ۾ روز واڌ ٿي رهي آهي، اسان وٽ انهن ڪيسن کي اڪلائڻ لاءِ رڳو 4 هزار جج دستياب آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.