ماءُ جو کير پيارڻ: نه رڳو ٻار پر ماءُ لاءِ به فائديمند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻارن کي ماءُ پاران ٿڃ پيارڻ جا ماءُ ۽ ٻار ٻنهي لاءِ کوڙ فائدا آهن، جيڪا ماءُ پنهنجي ٻارن کي کير پياري ٿي، ان جا هيٺيان فائدا آهن.

بريسٽ ۽ اووريئن ڪينسر جو خطرو گهٽجي ٿو.

شگر ٽائپ 2 جو خطرو ۽ بلڊ پريشر جو خطرو گهٽجي ٿو.

هاضمي وارو نظام بهتر ٿئي ٿو.

هڏن ۽ جوڙن جي سور جي مرض کان بچي سگهجي ٿو.

هارمونز جي بي ترتيبي جي مسئلي کان بچاءُ ٿئي ٿو.

مهانگا هٿرادو کير نه وٺڻ سان پيسن جي به بچت ٿئي ٿي.

ٻارن لاءِ ٿڃ پيئڻ جا فائدا

بيمارين ۽ ڪمزورين کان بچاءُ ٿئي ٿو.

هاضمي وارو نظام مضبوط ٿئي ٿو.

دماغي واڌ ويجهه ٿئي ٿي.

ڪنن جي انفيڪشن ۽ الرجي کان بچاءُ ٿئي ٿو.

هاضمي وارو نظام بهتر بڻجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.