شعيب اختر جي ڪترينا ڪيف سان دوستي، وهاب رياض حقيقت تان پردو کڻي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪرڪيٽ ۽ چيف سليڪٽر وهاب رياض اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر ۽ ڪترينا ڪيف جي ماضيءَ ۾ دوستي بابت دلچسپ قصو ٻڌائي ڇڏيو.
ويجهڙ ۾ وهاب رياض هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هن مختلف ۽ دلچسپ موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
شو دوران ميزبان وهاب کان ڪيو ته هو جنهن ڪنهن کان به پڇندو آهي ته اُهو ڪهڙو رانديگر آهي جيڪو وڏيون وڏيون ڊاڙون هڻندو آهي ته سڀ شعيب اختر جو نالو کڻندا آهن؟ ان حوالي سان اوهان وٽ به ماضي جو ڪو قصو آهي، اوهان ٻڌائڻ چاهيندو؟
سوال جي جواب ۾ وهاب رياض ماضيءَ جو قصو ڇيڙيندي چيو ته هڪ ڀيري هو شعيب اختر، محمد حفيظ، مصباح الحق، عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد سڀ نيوزيلينڊ ۾ شعيب اختر جي ڪمري ۾ ماني کائي رهيا هئا اوچتو ٽي وي تي ” شيلا ڪي جواني “ گيت هلڻ لڳو، ان دوران شعيب اختر چيو ته ڪتيرنا ڪيف سندس سٺي دوست آهي.
وهاب چيوته اِها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن شعيب اختر ڀارت ۾ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) کيڏي آيو هو، ميگا ايونٽ دوران شعيب جي ڪترينا ڪيف سان به ملاقات ٿي هئي ڇو ته سلمان خان به شعيب اختر جو دوست هو شايد انڪري اِها ڳالهه ڪئي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته شعيب اختر جي ڳالهه تي محمد حفيظ وائڙو ٿي ويو ۽ ماني مان هٿ ڪڍي شعيب کي هٿ جوڙي چيائين ته ” هي ڏس خدا جو واسطو ٿئي ڪوڙ نه ڳالهائي.“
ان تي شعيب اختر کيس چيو ته تون مون کي ڪوڙو ڇو چئي رهيو آهن؟ منهنجي ڪترينا سان ملاقات ٿي آهي، ان کانپوءِ شعيب اختر اسان سڀني کي ڪمري مان تڙي ڪڍيو ۽ اسان جي ماني پڻ زيان ٿي وئي، جنهن کانپوءِ اسان ريسٽورينٽ وڃي ماني کاڌي
وهاب رياض چيو ته شعيب اختر هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ آهي، ساڻس گڏ رهندي ڪو به شخص ڪڏهن به بور نٿو ٿي سگهي، بس ان وقت محمد حفيظ جو برو وقت هو جو هن اسان سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.