وسيلا ڏيڻ جي شرط تي پ پ کي اقتدار ڏنو ويو آهي: اياز لطيف

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه  اياز لطيف پليجي سنڌو درياهھ بچايو تحريڪ جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ ڪامياب ريلين ۽ مظاھرا ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي ته وسيلن ۽ سنڌو درياھه جي سوديبازي جي شرط تي پيپلز پارٽي کي چوٿون ڀيرو اقتدار ڏنو ويو آھي. جيڪو ڪم ضياالحق ۽ پرويز مشرف نه ڪري سگھيو اھو ڪم آصف زرداري ڪري رھيو آھي پر سنڌ جا ماڻھو وسيلن جي نيلامي ۽ سنڌو درياھه کي ختم ٿيڻ نه ڏيندا. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ 6 نوان ڪئنال سنڌو درياھه جي قتل جو پروانو آھن. اھا سازش ھرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.