پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 2024 ۾ دنيا جي بهترين مارڪيٽ قرار

آمريڪي معاشي رسالي بلوم برگ چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 2024 ۾ دنيا جي بهترين مارڪيٽ رهي آهي.
بلوم برگ موجب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس هڪ ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ ٻاهرين خريداري تي بند ٿيو آهي.
بلوم برگ جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسٽاڪ سال 2024 ۾ دنيا جي بهترين مارڪيٽ رهي آهي، ٻاهرئين فنڊ هلندڙ سال 8.7 ڪروڙ ڊالر ماليت جا شيئرز خريد ڪيا آهن، ٻاهرين خريداري ۽ بهتر معاشي انگن اکرن رجحان هاڪاري ڪيو آهي.
بلوم برگ موجب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 1.1 سيڪڙو واڌ سان 81459 تي بند ٿيو، انڊيڪس جي هيل تائين بلند ترين پڄاڻي جي سطح 81865 آهي.
بلوم برگ چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس هلندڙ سال 30 سيڪڙو وڌيو آهي، 100 انڊيڪس اڄ ڪاروباري ڏينهن جي رڪارڊ سطح ٺاهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.