اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار تجويز ڪيل آئيني ترميم خلاف درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان تجويز ڪيل آئيني ترميم خلاف درخواست تي 8 اعتراض لاڳو ڪيا ويا آهن.
درخواست تي اعتراض ڪيو ويو ته تجويز ڪيل قانون پارليامينٽ ۾ پيش به نه ٿيو، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن جو حق آهي ته ڪنهن به بل کي منظور ڪن، پارليامينٽ ميمبرن کي ڌر نٿو بڻائي سگهجي، قانون سازي حق آهي، قانون سازي نه ڪرڻ جي پابندي نٿي لڳائي سگهجي.
رجسٽرار جي اعتراضن ۾ شامل آهي ته تجويز ڪيل آئيني ترميم خلاف درخواست مفروضاتي آهي، بار ڪائونسل ايڪٽ تحت وڪيل ڌر نٿا بڻجي سگهن، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان بار ڪائونسل کان اجازت وٺي ئي وڪيل ڌر بڻجي سگهن ٿا، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جو عبوري حڪم نامو سپريم ڪورٽ تي لاڳو ٿيڻ لازمي ناهي.
واضح رهي ته درخواست پاڪستان بار ڪائونسل جي 6 ميمبرن طرفان داخل ڪئي وئي هئي.
Prev Post
You might also like