ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ نجي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ ڊيوٽي جي مد ۾ اوڳاڙيل ٽيهه ارب رپيا سنڌ حڪومت کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙي جي صدارت هيٺ اسيمبلي ڪميٽي روم ٿي گذريو ، اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي، توانائي واري سيڪريٽري، ناڻي واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ مونس علوي ڊيوٽي جي مد ۾ اوڳاڙيل 30 ارب رپيا سنڌ حڪومت کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته واٽر بورڊ ڪي اليڪٽرڪ جو 33 ارب رپين جو باقيدار آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي رهتن جي ادائيگي تائين ڊيوٽي جي مد ۾ اوڳاڙيل رقم ادا نه ڪئي ويندي.
ان موقعي تي نثار کهڙي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو ڊيوٽي جي رقم بلن سان مشروط ڪرڻ غيرقانوني آهي، ڪي اليڪٽرڪ واعدو ڪيو هو ته گذريل مهيني جي ڊيوٽي ادا ڪندو.
توانائي واري سيڪريٽري چيو ته سنڌ حڪومت جا ٽيهه ارب رپيا ڪي اليڪٽرڪ وٽ پيا آهن، ڪميٽي ميمبر قاسم سراج چيو ته سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ کي ڊيوٽي جي اوڳاڙي کان روڪي، ميئر ڪراچي به ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ڊيوٽي وصول نه ڪرائي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت جون اليڪٽرسٽي ڊيوٽي جي مد ۾ ڪي اليڪٽرڪ تي 29 ارب 23 ڪروڙ رپيا رهتون آهن، اليڪٽرسٽي ڊيوٽي سمورا بجلي واهپيدار سنڌ حڪومت کي ادا ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنيون اِها ڊيوٽي وصول ڪري سنڌ حڪومت کي ڏينديون آهن، ڪي اليڪٽرڪ 2020ع کان هينئر تائين اوڳاڙيل ڊيوٽي سنڌ حڪومت کي ناهي ڏني.
ذريعن موجب، اِها ڊيوٽي ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ حيسڪو ۽ سيسڪو طرفان به وصول ڪئي وئي ويندي آهي.
ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ غيرقانوني رستو اختيار ڪيو.
اجلاس کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ ميونسپل ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جي بلن ۾ عوام کان وصول ڪندو آهي ۽ ان حوالي سان سٽي ڪائونسل ئي ٺهراءُ پاس ڪيو هو.
You might also like