ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا منشا پاشا مثالي مڙس جي ڳولا ۾ رهندڙ ڇوڪرين کي مشورو ڏئي ڇڏيو.
اداڪارا ويجهڙ ۾ هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ڪم ۽ ذاتي زندگيءَ بابت تفصيلي گفتگو ڪئي.
منشا پاشا پنهنجي شادي بابت ٻڌايو ته جڏهن هوءَ پهريون ڀيرو جبران ناصر سان ملي ته سمجهي وئي هئي ته سندس زندگيءَ ۾ هن جو اهم ڪردار هوندو، هڪ سال جي انتظار کانپوءِ سندس جبران سان شادي ٿي وئي.
مثالي مڙس جي ڳولا ۾ رهندڙ ڇوڪرين کي مشورو ڏيندي اداڪارا چيو ته هڪ انسان سٺو هوندو آهي پر ضروري ناهي ته سٺو انسان سٺو مڙس به ثابت ٿئي، انڪري اهڙي شخص جي ڳولا ڪريو جيڪو اوهان کي سپورٽ ڪري.
You might also like