ڪراچي: صابڻن ۾ منشيات لڪائي سعودي اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس ڪراچي مان صابڻ جي ٽڪين ۾ لڪل منشيات سعودي عرب اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
اي ايس ايف ترجمان موجب، ايئرپورٽس سيڪيورٽي فورس جي عملي ڪراچيءَ کان پشاور ايئرپورٽ تي ڪارروائين دوران ٻن مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو جن وٽان وڏي مقدار ۾نشيات هٿ ڪئي وئي آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي جدي کان اُڏام جي مسافر سلام الله جي قبضي مان 2.652 ڪلو گرام هيروئن هٿ آئي، مسافر ڄاڻايل منشيات بيگ ۾ پيل صابڻ جي ٽڪين ۾ لڪائي هئي.
ترجمان موجب، پشاور ايئرپورٽ تي بحرين جي مسافر کان ست سئو گرام آئس هيروئن هٿ آئي، مسافر عاطف منشيات بيگ جي تهه ۾ مهارت سان لڪائي رکي هئي پر اي ايس ايف جي عملي ٻنهي مسافرن جي سامان جي سرچنگ دوران سندن سامان کي شڪي قرار ڏنو.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ٻنهي مسافرن وٽان منشيات هڪ ڪري اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جڏهن ته جوابدارن کي ابتدائي جاچ کانپوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اي اين ايف اختيارين جي حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.