آئيني ترميمن معاملن تي پي ٽي آءِ سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته آئيني ترميم واري مسودي تي پي ٽي آءِ سان به غير رسمي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جن ترميمن تي اتفاق آهي اِهي آڪٽوبر جي پهرئين هفتي ۾ منظوري ڪرائي سگهجن ٿيون، وقتي طور تي ڪاميابي نه ملڻ حڪومت جي ناڪامي نه آهي.
هن چيو ته آئيني ترميم واري ڊرافٽ تي پي ٽي آءِ سان به غير رسمي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ هو به سمجهن ٿا ته ترميمن ذريعي بهتري ايندي.
راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪي عدالتي نظام ڪم نه پيو جنهن سبب ٻيا معاملا به اڳتي ناهن وڌي رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.