آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ اجلاسن جي شيڊيول ۾ نيٺ پاڪستان جو نالو به شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاسن جي شيڊيول ۾ نيٺ پاڪستان جو نالو به شامل ڪيو ويو آهي، پاڪستان 2 ارب ڊالر جو فنانسنگ گيپ پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس جي شيڊيول ۾ پاڪستان جو نالو به شامل ڪيو ويو آهي.
آءِ ايم ايف 25 سيپٽمبر تي پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالرن جي نئين قرض جي پروگرام جي منظوري جو جائزو وٺندو.
پاڪستان 2 ارب ڊالر جو فنانسنگ گيپ پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف جي ترجمان اعلان ڪيو هو ته آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ 25 سيپٽمبر تي پاڪستان جي ڪيس جو جائزو وٺندو.
ان کان اڳ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان چيو هو ته حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام جون سموريون مالي ضمانتون حاصل ڪري ورتيون آهن، هاڻي آءِ ايم ايف پروگرام حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ ڪابه رنڊڪ نه آهي.
اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان سيپٽمبر 2024 ۾ آءِ ايم ايف جي اجلاس ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪندو، پاڪستان کي هلندڙ مالي سال ۾ 26 ڏهائي 20 ارب ڊالر ادا ڪرڻا آهن، مالي سال جي ادائيگين ۾ 16 ڏهائي 3 ارب ڊالر رول اوور ٿيندا……….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.