اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وڪيل اڳواڻن چيو آهي ته هر غير آئيني قدم خلاف وڪيل ٻاهر نڪتا آهن.
سپريم ڪورٽ ٻاهران پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر علي ظفر، نياز الله نيازي، شعيب شاهين صحافين سان گفتگو ڪئي.
بئريسٽر علي ظفر چيو ته جيڪڏهن آئيني ترميم جو ڊرافٽ اهو ئي آهي، جيڪو سامهون آيو آهي ته پوءِ اهي آئيني عدالت بڻائڻ چاهين ٿا.
شعيب شاهين چيو ته تجويز ڪيل آئيني ترميمن کي سڌارن جو نالو نه ڏيو پر ان کي ڏڦيڙ جو نالو ڏيو.
نياز الله نيازي چيو ته هر غير آئيني قدم خلاف وڪيل ٻاهر نڪتا آهن، جيڪي غير آئيني ترميمون آيون آهن، انهن خلاف پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو آهي.
هنن چيو ته لاهور ۾ آل پاڪستان ڪنوينشن ٿي رهيو آهي، اسان آئين جي بالادستي لاءِ بيٺا آهيون، سياست کان مٿانهان ٿي سمورا وڪيل متحد آهن.
You might also like