عاليا ڀٽ پاران نالي ۾ ڦيرڦار، نئون نالو ڇا آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار عاليا ڀٽ رنبير ڪپور سان شادي کانپوءِ پنهنجو نالو تبديل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ويجهڙائي ۾ نيٽ فلڪس تي ” دي گريٽ انڊين ڪپل شو “ جي سيزن ٽو جو پرومو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ اداڪارا عاليا ڀٽ پنهنجي نالي جي تبديلي بابت انڪشاف ڪيو.
رپورٽ موجب، پرومو دوران عاليا ڀٽ طور مخاطب ڪرڻ تي اداڪارا تصحيح ڪندي ٻڌايو ته سندس نالو هاڻ عاليا ڀٽ ناهي رهيو، هوءَ هاڻي عاليا ڀٽ ڪپور آهي.
ياد رهي رنبير ڪپور 2022 ۾ عاليا ڀٽ سان شادي ڪئي هئي جڏهن ته جوڙي کي هڪ نياڻي جو اولاد پڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.