”مڙس ناهي وهنجندو“ زال شادي جي 40 ڏينهن کانپوءِ طلاق گهري ورتي

ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر آگرا ۾ هڪ عورت شادي جي 40 ڏينهن کانپوءِ ئي مڙس کان طلاق گهري ورتي، کيس شڪايت هئي ته سندس مڙس روز ناهي وهنجندو.
عورت موجب سندس مڙس مهيني ۾ رڳو هڪ يا ٻه ڀيرا وهنجندو آهي، جنهن سبب سندس جسم مان بدبوءِ ايندي آهي.
عورت آگرا ۾ فيملي ڪائونسلنگ سينٽر سان رابطو ڪيو ۽ شڪايت ڪئي ته هوءَ اهڙي شخص سان وڌيڪ نٿي رهي سگهي، جيڪو پنهنجي صفائي سٿرائي جو خيال نه رکي.
عورت انڪشاف ڪيو ته مڙس مهيني ۾ رڳو هڪ يا ٻه ڀيرا وهنجندو آهي، جڏهن ته هفتي ۾ رڳو هڪ ڀيرو جسم تي گنگا جل (گنگا درياهه جو پاڻي) هاري ڇڏيندو آهي پر منهنجي زور ڀرڻ تي هو شادي کانپوءِ گذريل 40 ڏينهن دوران 6 ڀيرا وهنجندي چڪو آهي.
فيملي سينٽر جي هڪ ڪائونسلر موجب شادي جي ڪجهه ڏينهن ۾ ئي زال مڙس ۾ جهيڙا شروع ٿي ويا، عورت پيڪين هلي وئي، سندس گهر ڀاتين پوليس کي شڪايت ڪئي ۽ طلاق جي درخواست داخل ڪئي.
پوليس سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ عورت جي مڙس پنهنجي صفائي سٿرائي جو خيال رکڻ ۽ روز وهنجڻ تي راضپو ظاهر ڪيو پر زال ساڻس گڏ رهڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
زال مڙس کي پاڻ ۾ معاملا طئي ڪرڻ لاءِ 22 سيپٽمبر تي ٻيهر ڪائونسلگ سينٽر اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.