دهشتگرد حملن ۾ ”پب جي“ جي استعمال جو انڪشاف

سوات (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي سوات ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملن ۾ ”پب جي“ جي استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڊي پي او سوات ڊاڪٽر زاهد الله موجب پوليس چوڪي حملي ۾ ٽن گرفتار دهشتگردن رابطي لاءِ پب جي استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
ڊي پي او ٻڌايو ته دهشتگردن پب جي تي هڪ چيٽ گروپ ٺاهيو هو ۽ ان ۾ ڄاڻ شيئر ڪندا هئا، گرفتار جوابدار پاڻ ۾ مائٽ آهن.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سوات پوليس ۽ سي ٽي ڊي هڪ ڪامياب ڪارروائي ۾ پوليس چوڪي نويڪلي بنڙ سوات تي بم ڌماڪي ۾ ملوث 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو هو.
28 آگسٽ تي دهشتگردن پوليس چوڪي تي ڌماڪيدار مواد سان حملو ڪيو هو، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.