قومي شاهراهه تي مسافر بس سان حادثو، 5 مسافر فوت، 24 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) قومي شاهراهه زوب تي بس کاهيءَ ۾ ڪرڻ سان 5 مسافر فوت ۽ 24 زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن موجب مسافر بس اسلام آباد کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي ته دانه سر واري هنڌ تيز رفتاري سبب کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون حادثي واري هنڌ پهتيون.
امدادي اهلڪارن فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
هوڏانهن صوبائي حڪومت حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.