اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جي رات دير سان قانوني ٽيم سان گڏ جمعيت علماءَ اسلام (ف ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب، رات دير وزيراعظم پنهنجي قانوني ٽيم سان گڏ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهتو جتي هن مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف آئيني ترميم بابت مولانا فضل الرحمان کي آگاهه ڪيو جنهن تي مولانا فضل الرحمان چيو ته وٽن جڏهن آئيني مسودو ايندو تڏهن ئي سوچ ويچار ڪري سگهندا.
ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان چيو ته ججن جي ملازمت جو مُدو يا انگ وڌائڻ واري معاملي تي حڪومت جو ساٿ نه ڏينداسين جڏهن ته وزيراعظم مولانا فضل الرحمان کي آئيني عدالتن جي قيام ۽ ترميمن تي ساٿ ڏيڻ جو چيو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدر آصف علي زرداري ۽ وري وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي وڃي ملاقاتون ڪيون هيون ۽ آئيني ترميمن بابت حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي.