جيڪو وڻي ويو بنا هٻڪ جي ان سان محبت جو اظهار ڪنديس: حنا آفريدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) نوجوان ماڊل ۽ اداڪارا حنا آفريدي چيو آهي ته کيس جڏهن به ڪو شخص پسند ايندو سان بنا شرمائڻ جي ان سان محبت جو اظهار ڪندي.
ماضي ۾ هڪ انٽرويوءَ ۾ حنا آفريدي محبت جي موضوع تي خيالن جو اظهار ڪيو، اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ڊرامي جي هڪ ڪردار جهڙي ڇوڪري آهي ۽ کيس لڳي ٿو ته جڏهن هن کي ڪو ڇوڪرو پسند ايندو ته هوءَ ساڻس پاڻ ئي محبت جو اظهار ڪندي.
حنا آفريدي چيو ته جهڙي طرح ڇوڪرا پسند اچڻ تي ڇوڪريءَ سان محبت جو اظهار ڪندا آهن، هوءَ به اهڙي ريت ڇوڪري سان پيار جو اعتراف ڪندي.
هن دليل ڏيندي چيو ته جيئن ته هن کي خبر آهي ته کيس ڪهڙي قسم جو ڇوڪرو گهرجي انڪري اِهو موقعو جڏهن آيو ته هوءَ دير نه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.